اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته معيشت، تعليم ۽ سيڙپڪاري جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندو، پاڪستان تيزي سان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري رهيو آهي، مستقبل ۾ ڪيترائي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ انٽرنيٽ جي ڪري وڌيڪ آساني ٿيندي، اسٽيٽ بئنڪ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ آن لائن ادائگيون شروع ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪورونا وبا دوران صحت، تعليم ۽ ڪاروباري شعبي ۾ انٽرنيٽ جي گهرج ۾ اضافو ٿيو، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي جانورن جي منڊين، بازارن ۽ عيد نماز دوران ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻا??و وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاءِ اسپيڊ موبائيل براڊ بينڊ پراجيڪٽ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته ڪورونا وبا دوران آن لائن تعليم جو سلسلو شروع ڪ??و ويو پر جن علائقن ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ نه هئي اتي تعليم واري وزارت ٽيليويزن ذريعي تعليم جو سلسلو برقرار رکيو. هن چي?? ته پاڪستان تيزي سان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري رهيو آهي. مستقبل ۾ ڪيترائي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ انٽرنيٽ جي ذريعي وڌيڪ آساني ٿيندي. صدر چي?? ته معيشت، تعليم ۽ سيڙپڪاري جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندو. هن چي?? ته گذريل سال سافٽ و??ئر برآمدات ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ملڪ ۾ سافٽ و??ئر برآمدات جا وسيع موقعا موجود آهن.