اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي آزادي جي 73 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ??ائداعظم جي پاڪستان جي طرف اسان جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، هي اهڙو پاڪستان هوندو جتي سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر هوندا، قانوني سڀني جي لاءِ هوندو ۽ پاڪستان هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻجندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ??وم کي ان ڳالهه تي به مبارڪباد ڏيان ٿو ته ??اضي جي حڪومتن کان توانائي جو شع??و جيڪو اسان کي تباهه ٿيل مليو ان ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته ڊگهين ڳالهين کانپوءِ اسان آءِ پي پيز سان هڪ ن??ون معاهدو ڪيو آهي جنهن سان بجلي جي قيمت به گهٽ ٿيندي ۽ گردشي قرضن جو مسئلو به حل ٿيندو، هن چيو ته اسان جو ايندڙ هدف بجلي جي ورڇ جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ آهي، وزيراعظم ڪشمير ۾ ڀينرن، ڀائرن جي نالي پيغام ۾ چيو ته ??وري پاڪستاني قوم خودمختياري واري حق جي ??دو??هد ۾ انهن سان گڏ آهي، ڀارت جي غير قانوني قبضي ۽ ظالماڻي قدمن جي خلاف اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر طرح سان حمايت جاري رکنداسين.