اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي بهتر ڪوآرڊينيشن جي ضرورت تي زور ڏيندي برساتن ۽ ٻوڏن سان ٿيندڙ نقصانن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن رليف سرگرمين کي وڌيڪ بهتر ۽ نقصانن جو ازالو ڪرڻ جي ??وا??ي سان گڏيل طور تي حڪمت عملي جوڙي سگهجي. هو هتي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي براءِ فلڊز جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو ????ير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات وارو ????ير مراد سعيد، آبي وسيلن وارو ????ير محمد فيصل واوڊا، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، اين ايڇ اي چيئرمين، فلڊ ڪميشن جو چيئرمين، ڊي جي ميٽرو ??وجيڪل ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيا سينئر آ??يس?? شريڪ هئا، صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.