اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نوجوانن جي معاملن واري خاص مددگار عثمان ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو اتحاد ضمني چونڊن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ڊي ايم جون پارٽيون استعيفائن جي معام??ي تي هڪ صفحي تي نه آهن. هن چيو ته پاڪستان پي??لز??ارٽي پهرين پارٽي هوندي جيڪا ان اتحاد کان ڌار ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته پي??لز??ارٽي سنڌ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي ته سنڌ ۾ ضمني چونڊون ڪرائي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پي??لز??ارٽي اس??مب??ي تان استعيفائن جي باري ۾ سنجيده نه آهي. عثمان ڊار وڌيڪ چيو ته پي??لز??ارٽي کانسواءِ مسلم ليگ (ن) شهباز شريف گروپ به اس??مبلين تان استعيفائون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.