اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عورتون خاص طور تي خصوصي ماڻه?? کي تعليم جي ذريعي ئي معاشري جو فعال فرد بڻائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن معاشري جو مرد عورتن سان تعاون ڪري ته معاشري جي عورت اڳتي وڌي سگهي ٿي، هر قسم جي صنفي فرق جي خاتمي سان ئي عورتن جو تحفظ ۽ کين بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، قومي اسيمبلي ميمبرن، سفارتڪارن، سول سوسائٽي ۽ جسماجي طور تي معذور عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عورت پارليامينٽ جي گروپ وومن ڪاڪس جي سربراهه منزه حسن چيو ته وومن ڪاڪس جو ڪردار انتهائي اهم آهي ۽ اسان عورت?? کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ۽ معاشري ۾ معذور عورت?? کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون. وومن ڪاڪس ان سلسلي ۾ پارليامينٽ کي قانونسازي تجويز ڪندي. هن چيو ته عورتن ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، بينظير ڀٽو ۽ فاطمه جناح سميت پاڪستان جي قومي تاريخ ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي واکاڻ جوڳو رهيو آهي، ڪورونا جي ڏينهن ۾ عورتن پنهنجي خاندان?? کي پنهنجي روين ۽ سپورٽ سان جيڪو سهارو ڏنو ان جو مثال نٿو ملي. اسپيڪر اسد قصر جي ڌيءَ ذاله قيصر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد سمورين عورت?? کي ڪنهن به قسم جي صنفي فرق کانسواءِ زندگي جا سمورا موقعا ڏيڻ جي لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ آهي، عورت اڳواڻ?? کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ اسا?? کي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو. ملڪ جو آئين به خصوصي ماڻه?? کي سمورن بنيادي حقن جي فراهمي تي زور ڏنو آهي. هن مطالبو ڪيو ته گونگن، ٻوڙن ماڻهن جي لاءِ ڊرائيونگ لائسنس ڏانهن ڌيان ڌنو وڃي ۽ اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ جو مدو تاحيات هجڻ گهرجي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي موقعن ۾ شرڪت ۽ تفريحي سرگر??ين ۾ اضافو ڪيو وڃي. ميڊيڪل جي شاگردياڻي ثناءُ خورشيد چيو ته موٽر وي حادثي جي نتيجي ۾ هو جسماني طور تي معذور ٿي وئي آهي پر هن تعليم جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ڇو ته مو?? کي اهو محسوس ٿيو ته عورت?? کي وڌ کان وڌ بااختيار بڻائڻ ۾ تعليم ئي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. غير سرڪاري تنظيم اسٽيپ جي ڊائريڪٽر عاطف شيخ چيو ته هتي اسان عورت اڳواڻن جي ڪردار تي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اسا?? کي خصوصي ماڻهن جي مائر?? کي به خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي ڇو ته انه?? کي به تمام وڏن دردن ۽ مسئل?? کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، هن چيو ته اسا?? کي معاشري کي اهڙو بڻائڻ گهرجي جنهن ۾ خصوصي ماڻهن جي معاشرتي ضرورتن تائين پهچ يقيني بڻائي سگهجي. موجوده حڪومت جو ان حوالي سان ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيل چيئر جي انڊرسٽري جي سهولت ڏني وڃي. ڊاڪٽر عائشه سليم چيو ته آئون پوري طرح نٿي ڏسي سگهان، رڳو انڌيري ۽ روشني ۾ تميز ڪرڻ جي حد تائين منهنجي نظر ڪم ڪندي آهي، الله تعاليٰ جي ڪرم، والدين ۽ استادن جي رهنمائي سان مون پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته اسا?? کي معاشري جي حيثيت سان خصوصي ماڻهن جي ضرورتن جو خيال رکڻو پوندو. هن چيو ته اهڙن ماڻهن جي تعليمي ضرورتن جي لاءِ حڪومتي سطح تي اوزارن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته معذور عورتن جي پارليامينٽ ۾ نمائندگي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته جنهن معاشري جو مرد تعاون ڪري ٿو ته ان معاشري جي عورت اڳتي وڌندي آهي. يو اين ايف پي اي جي نمائندي لينا موسيٰ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو خصوصي ماڻهن جي سپورٽ جي حوالي سان قدم واکاڻ جوڳو آهي، هن چيو ته اسا?? کي ڏسڻ گهرجي ته اسان صنفي فرق جي خاتمي ۽ عورت?? کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن. ڪوورنا جي صورتحال دوران پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عورتن تي تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. ان حوالي سان به اسا?? کي پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. خصوصي ماڻه?? کي حقيقي معنيٰ ۾ اهڙي طرح سهارو ڏئي سگهجي ٿو جڏهن اسان انهن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽ?? کي ختم ڪنداسين، هن قومي اسميبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ پاڪستان جي حڪومت پاران خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني طور تي معذور عورت?? کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي واکاڻ ڪئي.