اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي جمعي ڏينهن سعودي عرب جي ٽن ڏينه?? جي سرڪاري دوري تي روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينا جا ٻيا وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان معيشت، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، پاڪستاني پورهيت?? جي لاءِ نوڪري?? جي موقعن، سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين سميت ٻطرفي ت??او?? جي سمورن شعب?? جي حوالي سان خيال?? جي ڏي وٺ ڪندو، دوري دورا?? ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، دوري دوران ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون متوقع آهن.