اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي فلسطيني ع??ام تي اسرائيلي ج??رحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي هڪ متفقه قرارداد جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، او آء?? سي ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ??لسطين تي اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، فلسطينين جي نسل ڪشي، انهن جي پنهنجي ع??ائقن مان جبري بيدخلي ۽ فلسطين جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي ع??ل کي فوري طور تي روڪيو وڃي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اسرائيلي حڪومت پاران فلسطيني ع??ام جي خلاف نسل ڪشي جي ڏوهه جي ج??چ جي لاءِ آزاداڻو انڪوائري ٽربيونل قائم ڪري. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فلسطين تي اسرائيلي ج??رحيت جي خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪندي چيو ته ??ي ايوان اسرائيل پاران فلسطين جي ع??ام تي ظلم ۽ ڏاڍ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ معصوم فلسطيني ع??ام تي منظم ظلم ۽ ڏاڍ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.