اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خ??ن پاڪستان ۾ مقبول ترين اڳواڻ آهي، پاڪستان جي عوام کيس ووٽ ڏنو ۽ ان جي پرستار آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ به وزيراعظم عمران خ??ن ڪاميابي حاصل ڪندو، چونڊيل حڪومت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، ڪووڊ – 19 بحران جي باوجود ملڪ جي واڌ جي شرح 3.94 سيڪڙو آهي، تقريبن 1100 ارب روپيا اربن اڪانومي کان هلندڙ اڪانومي ۾ منتقل ٿي، هن سال چار بمپر فصل ٿيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي بي سي جي پروگرام ”هارڊ ٽاڪ“ ۾ ڳالهائيندي ڪيو، ??ڪ سوال تي وف??قي وزير چيو ته چونڊيل حڪومت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، عمران خ??ن گذريل عام چونڊن ۾ لکين ووٽ حاصل ڪيا، هو هڪ ايٽمي ملڪ جو وزيراعظم آهي، وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا اجتماعي فيصلا ڪندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪووڊ 19 جي حوالي سان پاڪستان جو رد عمل پوري دنيا ۾ سڀ کان بهتر رهيو آهي، هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ريمارڪس جو حوالو ڏنو ته ”وبا بابت پاڪستان دنيا جي لاءِ مثال قائم ڪيو، ??اڪستان دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪيو“ هن چيو ته اهي لفظ ڪووڊ 19 جي صورتحال کي منهن ڏي?? لاءِ اسان جي ڪامياب حڪمت عملي جو اظهار ڪن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ 5.5 ملين ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي، عوام کي ويڪسين لڳائڻ جي حوالي سان پاڪستان دنيا جي صف اول جي 34 ملڪن ۾ شامل آهي جنهن انداز سان اسان هلي رهيا آهيون، اسان ويڪسينيشن جي هدفن کي جلد حاصل ڪري وٺنداسين، هن وڌيڪ چيو ته ڪووڊ 19 جي صورتحال کي منهن ڏي?? لاءِ پاڪستان جي ڪاميابي جزوي لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي آهي جنهن بهتر طريقي سان ڪم ڪيو، ??اڪستان ۾ خطي جي ڪنهن حي ملڪ جي مقابلي ۾ صورتحال ڪافي بهتر آهي.