اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پارلياماني اسيمبلي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل اسلام آباد پڌرنامي جي ڊرافٽ جي مت??فه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀرپ??ر مذمت ڪئي وئي. پڌرنامي ۾ فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي. اهو پڌرنامو ڪانفرنس جي پ??اڻي تي جاري ڪيو ويندو. افغانستان ۽ ترڪيءَ جي تجويز تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي ٻي PAECO جنرل ڪائونسل جو متفقه طور تي صدر چونڊيو ويو.