اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جو عهدو ڇڏيندڙ عهديدارن کي ڪاميابي سان پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پارلياماني صحافت جو پارلياماني ڪارروائي ۾ وڏو اهم ڪردار آهي، پارلياماني رپورٽرز کي ڪم ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، هو پي آر اي جي عهدو ڇڏيندڙ باڊي ۽ سينئر صحافين جي اعزاز ۾ سينيٽ چيئرمين جي پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪري رهيو ??و. ??سپيڪر چيو ته پرنٽ کان اليڪٽرانڪ ۽ هاڻي ڊجيٽلائيزيشن ميڊيا جو دور آهي ۽ پوءِ سوش?? ميڊيا تيزي سان طاقت بڻجي اڀري رهيو آهي، سوش?? ميڊيا جي اچڻ کانپوءِ هاڻي خبر وق?? جو انتظار ناهي ڪندي، پر خبر جي رفتار سپر سونگ جهاز وانگر تيز آهي، ميڊيا ڊجيٽلائيزيشن کي شفاف شڪل ڏيڻ به هڪ وڏو چئلينج آهي،