اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ افغان ٻن ڏينهن ??ارو ميڊيا ڪنڪليو اڄ اربع ڏينهن کان وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ شروع ٿي رهيو آهي، ٻن ڏينهن ??اري ميڊيا ڪنڪليو جو اهتمام پاڪ افغان يوٿ فورم ۽ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت جي تعان سان ڪيو آهي. ميڊيا ڪنڪليو ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي ميڊيا ۽ ميڊيا جي شعبن جا ماهر ٻنهي ملڪن جي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون، گڏيل را??طن جي فروغ، ميڊيا ??ي ذريعي جامع اقتصادي راهداري جي قيام، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ??ي ذريعي خطي جي نوجوانن لاءِ پيدا ٿيندڙ موقعن، راندين ۽ ثقافتي سرگرمين ??ي ذريعي تعاون ۾ اضافو ۽ گڏيل اقتصادي فائدي لاءِ قدمن ۽ امڪانن تي غور ڪندا. ٻن ڏينهن ??ارو ميڊيا ڪنڪليو جي افتتاحي سيشن جو خاص مهمان اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين هوندو جيڪو ان موقعي تي اهم خطاب ڪندو. جاري ڪيل شيڊول موجب ڪنڪليو جي پهرين ??ينهن ??اڪستان ۽ افغانستان جي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون تي مباحثو ٿيندو، ان مباحثي ۾ پاڪستان کان نسيم زهره، هارون شاهه ۽ سفير منصور احمد خان جڏهن ته افغانستان کان جاويد هاشم ڪاڪڙ، شگفته صديقي ۽ را??عه سادات حصو وٺندا جڏهن ته ماڊريٽر جا فرض ناديه نقي انجام ڏيندي. پهرين ??ينهن جي ٻي سيشن ۾ ٻنهي ملڪن جا شرڪت ڪندڙ جامع اقتصادي راهداري جي قيام ۾ ميڊيا جي ڪردار تي ڳالهائيندا جنهن ۾ پاڪستان کان حسن خان، قومي اسيمبلي ميمبر شاندانه گلزار ۽ افغانستان کان اسد کوسا، عرفان سينان ۽ زهره صديقي شامل آهن. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪيمٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد گيسٽ آف آنر طور اهم خطاب ڪندو، پاڪ – افغان ٻن ڏينهن ??ارو ميڊيا ڪنڪليو جي ٻي ڏينهن ??هرئين سيشن ۾ تفريحي صنعت ۽ اسپورٽس جرنلزم ??ي ذريعي را??طن کي فروغ تي مباحثو ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان کان جاويد شيخ، طاهر خان ۽ عثمان پيرزاده جڏهن ته افغانستان کان فريد الدين عظيم ۽ ابرا??يم مهمند حصو وٺندا، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب ان موقعي تي اهم خطاب ڪندو. ٻي سيشن ۾ مباحثي جو موضوع امن جي راهداري – سي پيڪ، ترقي ۽ نوجوان آبادي هوندو جنهن ۾ هارون رشيد ماهراڻي را??ِ ڏيندو جڏهن ته قومي اسيمبلي ميمبر عندليب عباس اهم خطاب ڪندي، ٻن ڏينهن ??اري ميڊيا ڪنڪليو جي پڄاڻي واري سيشن جو خاص مهمان قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري هوندو، هو ان موقعي تي اهم خطاب به ڪندو.