اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پا??ست??ن ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته پا??ست??ن ڏکڻ آفريقا سان واپاري، سيڙپڪاري ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز جنرل رڊزيني مفوانايا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پا??ست??ن ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ دفاعي ميدان ۾ بهترين لاڳاپا آهن جنهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. پا??ست??ن پنهنجي ”لڪُ افريقا“ پاليسي تحت ڏکڻ آفريقا سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، هن چيو ته ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فوجي ۽ سياسي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ پا??ست??ن جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ ان جي ڪاميابي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي ت?? صدر ڀارتي غير قانو??ي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران انساني حقن جي پائمالين تي به روش??ي وڌي. هن چيوته ڀارت بي گناهه ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري انهن جي نسل ڪشي ۽ آبادياتي ت??اسب تبديل ڪرڻ لاءِ غير ڪشميرين کي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهيو آهي، عالمي برادري ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. ان موقعي ت?? ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز چيو ته پا??ست??ن ۽ ڏکڻ آفريقا جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.