اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي، ان صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مقامي آبادي کي سياحت جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي ضر??رت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بل??ستان ڪائونسل جي ٻارهين (12) سيشن جي صدارت ڪندي ڪيو. ڪائونسل گلگت بل??ستان ۾ عوام کي مواصلات جي بهتر سهولتن جي فراهمي جي غرض سان نيڪ??ٽ جنريشن موبائيل سروسز سپيڪٽرم جي نيلامي جي حوالي ??ان پاليسي ڊائريڪٽيو جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ گگلت بل??ستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع جي منظوري ڏني، گلگت بل??ستان ڪائونسل جي 6 ميمبرن جي چونڊ گلگت بل??ستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع تحت ڪئي ويندي. ڪائونسل منهاس حسين، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غذر، جي جج طور بئنڪنگ اينڊ ڪسٽمز ڪورٽ گلگت بل??ستان مقرري جي منظوري ڏني، جناب منهاس حسين کي ج?? قومي احتساب ڪورٽ گلگت بل??ستان جو اضافي جارچ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي، ايجنڊا جي باقاعده منظوري کانپوءِ وزيراعظم عمران خان گلگت بل??ستان جي وڏي وزير کان تازين برساتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ رليف قدمن جي حوالي ??ان بريفنگ ورتي، گلگت بل??ستان ۾ سياحت جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ فروغ جي حوالي ??ان به تفصيلي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي. ضر??رت ان ڳالهه جي آهي ته ان صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مقامي آبادي کي سياحتي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪئي وڃي ته جئين جتي سياحت کي فرُغ حاصل ٿئي اتي مقامي آبادي کي بهتر معاشي موقعا ميسر اچي سگهن.