اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اطلا??ات ۽ نشريات واري وزارت جي نيشنل ڊيجيٽل انفارميشن پليٽ فارم ”اين ڊي آئي پي“ منصوبي تحت قومي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ان حوالي سان هڪ پروقار تقريب دورا?? صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي تحت پاڪ??تا?? ٽيليويزن، ريڊيو پاڪ??تا??، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪ??تا??، پيمرا، پي آئي ڊي، ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۽ ميڊيا يونيورسٽي جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، اطلاعت ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلا??ات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، وزيراعظم جو احتساب ۽ گهرو معاملن بابت خاص معاون شهزاد اڪبر ۽ سينيٽ جي اطلا??ات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد کانسواءِ اعليٰ عملدار پڻ ??ريڪ هئا.