اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نائيجر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو جي قيادت ۾ پا??لي??ماني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پ??ڪس??ان ”لُڪ افريقا“ پاليسي تحت نائيجر سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو?? پاڪستان ۽ نائيجر جي وچ ۾ ٻطرفن معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پ??ڪس??ان هن سال نائيجر جي 100 شاگردن کي پ??ڪس??ان ۾ تعليم ل??ءِ اسڪالرشپ ڏيندو. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ نائيجر جي وچ ۾ پا??لي??ماني تعاون جي يادداشت سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپاري معاهدي جي ضرورت آهي. نائيجر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو چيو ته نائيجر پ??ڪس??ان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، نائيجر ڪاروبار، معيشت، واپار ۽ زراعت جي شعبن ۾ پ??ڪس??ان سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو، جڏهن ته زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ نهري نظام جي تعمير لاءِ پ??ڪس??ان جي مدد جو خواهشمند آهي. نائيجر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پ??ڪس??ان پاران 100 اسڪالرشپس ۽ مهمانوازي تي پ??ڪس??ان کي ساراهيو. ان موقعي تي هن صدر کي نائيجر جي دوري جي به دعوت ڏني.