اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان جي حوالي سان يورپي يون??ن جي قراردادن ۾ پاڪستان بابت منفي ۽ غيرمنطقي حوالن تي ڳڻتي ج?? اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا غيرمنطقي حوالا پاڪستان ۽ يورپي يون??ن جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ اهو امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي، دهشتگردي ج?? خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان برداشت ڪيو آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي ج?? 76 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ يورپي يون??ن جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل سان ملاقات دوران چئي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ج?? امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي. انساني ۽ معاشي بحران جي نظر ايندڙ خطري ج?? ڏس ۾ عالمي برادري کي افغانستان جي معاونت کي جاري رکڻو پوندو. پرڏيهي وزير يورپي يون??ن جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ رابطن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير افغانستان جي حوالي سان يورپي يون??ن جي قرارداد ۾ پاڪستان بابت منفي حوالن تي ڳڻتي ج?? اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهڙي قسم جا غيرمنطقي هوالا پاڪستان ۽ يورپي يون??ن جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ ٻين عملدارن جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ڀرپور معاونت ڪئي. ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي يون??ن جي وچ ۾ تعاون جي نوعيت تي اطمينان جو ??ظهار ڪندي پاڪستان ۽ يورپي يون??ن جي وچ ۾ سياسي ۽ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يون??ن جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه افغانستان تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ خ??ي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.