اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 15 سيپٽمبر تي ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن ج?? پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، هن شه??دن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صد?? جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر سوار محمد انتظار، سوار سلمان ۽ سوار ساجد حسين ج?? وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سوار محمد شيراز ۽ لانس دفعدار اشتياق حسين ج?? وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر عارف علوي نائب رسالدار عامر شڪيل ۽ سوار خرم شهزاد جي وارثن کي به ٽيليفون ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شه??دن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شه??دن جي بلند درجن ج?? دعا ڪئي. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شه??دن جي وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.