اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مشهور ڪالم نگار، صحافي اجمل نيازي جي ??اڏ??ڻي تي گ??ري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اجمل نيازي پنهنجي قلم جي ذريعي معاشري جي اصلاح ڪندو رهيو، صحافت جي شعبي ۾ اجمل نيازي جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اجمل نيازي صحافت جو علمبردار هجڻ سان گڏوگڏ وڏي پاءِ جو شاعر به هو. هن چيو ته اجمل نيازي پنهنجي ڪالم جي ذريعي سماجي مسئلا اجاگر ڪندو رهيو. الله تعاليٰ اجمل نيازي کي ??نت نصيب ڪري ۽ وارثن کي ??بر ۽ جميل عطا فرمائي.