ڪراچي – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني قوم ماحوليات جي شعبي جي بهتري جو ڪم هڪ جذبي تحت شروع ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ صوبائي حڪومت جي دوران ماحول جي بهتري لاءِ بلين ٽري سونامي منصوبو شروع ڪيو. مزار قائد جي اڱڻ ۾ جناح اربن فاريسٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته منهنجي دور ۾ ايوان صدر ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا ل??اي?? ويا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻوٽا شهرين کي گهر جي د??ن تي فراهم ڪيا ويا آهن. ان کانپوءِ هڪ نئين سوچ تهت پنسلون سان گڏ ٻج لڳائي اسڪولن ۾ ورهايا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نه رڳو ٻوٽا ورهايا ويا آهن پر اسڪولن ۾ هر ڪلاس جي سطح تائين وڻڪاري دوران نوان ل??اي?? ويندڙ ٻوٽن جي حفاظت جي ذميواري پڻ شاگردن کي ڏني وئي آ??ي. هن چيو ته شهر ۾ ڪاروباري، سماجي ذميواري جي بنياد تي 15 ايڪڙ زمين تي مياواڪي ٻيلو لڳائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي وبا دوران سڄي دنيا ۾ ماحول بهتر ٿيو آهي جنهن جو مطلب آهي ته قدرت اسان کي ماحوليات جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ جا اشارا ڪري رهي آ??ي. ڊاڪٽر عارف علوي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جا سياح غيرذميواري جو مظاهرو ڪندي سياحتي جاين تي ڪچرو اڇلائي ڇڏين ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ئي نه پر عالمي سطح تي اهو هڪ مسئلو بڻجي چڪو آهي ۽ سياحتي جاين تي اڇلايو ويندڙ ڪچري کي گڏ ڪري ٺڪاڻي لڳائڻ هڪ مسئلو بڻجي چڪو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهو تاثر ??لط آهي ته حڪومت پنهنجي وڌيڪ بجيٽ دفاع تي خرچ ڪري ٿي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته حڪومت ب??يٽ جو هڪ وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪري ٿي.