ملتان – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته حضور اڪرم ﷺ جي حيات طيبه جي پيروي ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضامن آه??، عوام جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي تقريبن ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي سان حصو وٺي رهي آه??،
هن چيو ته ڪجهه قوتون پاڪستان ۾ افراتفري ۽ انتشار چاهين ٿيون پر انهن جا ارادا پورا نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي جلوس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ان مبارڪ ڏينهن ۾ الله تعاليٰ کان دعا ڪريان ٿو ته هو پاڪستان کي اند??ون?? ۽ ٻاهرين خطرن کا?? محفوظ رکي.
شاهه محمود قريشي چيو ته عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي سڄي ملڪ مان شهري نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو ڀرپور اظهار ڪري رهيا آه??، هن چيو ته دعاڳو آه??ان ته رب العالمين انهن جي عقيدت کي قبول فرمائي ۽ دعاڳو آه??ان ته الله پاڪ پاڪستان کي خوشحالي، ترقي ۽ استحڪام نصيب فرمائي.