اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ??ار??بار دوست پاليسين جي ڪري پي ٽي آءِ حڪومت ۾ گذريل سا?? ??ار??وريٽ سيڪٽر کي 929 ارب جو نج منافعو ٿيو، ن ليگ جي دور ۾ 2018ع ۾ اهو منافعو 587 ارب روپيا هو، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي دوران ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ 44 سيڪ??و اضافي سا?? تقريبن 70 هزار نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون جڏهن ته ن ليگ جي 5 سا??ن جي دور ۾ 25 هزار 856 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون هيون، هن چيو ته هلندڙ مالي سا?? جي پهرين ٽه ماهي ۾ انهن ڪمپنين کي 258 ارب روپيا منافعو ٿيو، فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي 3 سا??ن دوران مختلف شعبن ترقي جي رڪارڊ ٽوڙيو آهي، ڪورونا وائرس جي باوجود ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ 494 سيڪڙو، آءِ ٽي جي ش??بي ۾ 194 سيڪڙو جيستائين سياحت جي ش??بي ۾ 136 سيڪڙو معاشي ترقي ٿي.