اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئ??. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي فيز 2 ۽ پارٽي تنظيم سازي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي صوبي ۾ جاري مختلف ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ايندڙ مرحلي ۾ ڪاميابي ??ي لاءِ پارتي صفن ۾ اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ممڪن قدم کنيا وڃن. هن صوبي ۾ سمورن جاري ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئ?? ته جيئن صوبي ۾ رهندڙ ماڻهن کي جلد کان جلد رليف ۽ سهولت فراهم ڪري سگهجي.