اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو آهي ته عالمي ب??اد??ي ڀا??ت پاران فصائي حدن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، نئين دهلي جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اهو ٻيو ڀيرو اسان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ٿي آهي، ان کان پهرين ماضي ۾ به 26 فيبروري تي ڀا??ت جارحيت ڪئي هئي ۽ پاڪستان ان کي مناسب ۽ وقت سر جواب ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ان حرڪت کي ڀا??ت جي ٽيڪنيڪي ناڪامي چئون، جارحيت چئون يا بدنيتي چئون. پاڪستان 2019ع ۾ به مدبراڻو رد عمل ڏنو، هن چيو ته هندستان جي حرڪت افسوسناڪ آهي، عالمي ب??اد??ي کي ان حرڪت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن ان حرڪت سان معصوم جانين کي خطري ۾ وڌو آهي ايوي ايشن اٿارٽيز کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. سعودي ايئر لائين جو جهاز، قطر ۽ پاڪستان ??ون ڊوميسٽڪ اڏامون نشانو بڻجي سگهيون ٿي ۽ معصوم ماڻهو نشانو بڻجي سگهيا ٿي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته پي 5 ملڪن جي نمائندن کي پرڏيهي وزارت ۾ دعوت ڏئي، کين سڄي صورتحال کان آگاهه ڪريون، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته عالمي ب??اد??ي ان جو نوٽيس وٺندي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، هندستان جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. شاهه مح??ود قريشي چيو ته اسان جارحيت جا قائل نه آهيون، پر دفاع اسان ڪالهه به ڪيو هو ۽ آئنده به ڪنداسين. اڀينندن جي چانهه اڃان ٿڌي ناهي ٿي لڳي ٿو ته کيس ٻيهر ضرورت ٿي رهي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته هندستان جو رويو انتهائي غير ذميداراڻو آهي، هندستان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ڀا??ت 26 فيبروري 2019ع تي جارحيت ڪئي، حقيقتون سڀني جي سامهون اچي ويون، پر دنيا مصلحتن خاموش رهي، هن چيو ته اسان هندستان طرفان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي جا ٺوس ثبوت هڪ ڊوزيئر جي ذريعي عالمي ب??اد??ي جي سامهون رکيا، اسان ڀا??ت جو اصلي چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ڪيو، مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو ته اسان جارحيت جا حامي نه آهيون، اسان هندستان سميت پنهنجي پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، پر هندستان جو رويو ته ڏسو؟ والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جو سلسلو عروج تي آهي، سامونڊي ۽ دفاعي حدن ??ون خلاف ورزيون سڀني جي سامهون آهن، جڏهن ته ٻي طرف پاڪستان جو رويو سدائين مصالحاڻو ۽ مدبراڻو رهيو پر دفاع اسان جو حق آهي ۽ دفاع لاءِ پوري قوم تيار آهي.