اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ماءُ جي عالمي ڏينهن تي اسان سڀ گڏجي ماءُ جي عظي?? رشتي کي سلام پيش ڪريون ٿا، ماءُ کان وڌيڪ مخلص رشتو ڪو نه آهي، ماءُ رڳو ماءُ هوندي آهي الله تعاليٰ انسان سان پنهنجي محبت جي تعارف جو ??ريعو ماءُ کي بڻايو. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته جنت ماءُ جي پيرن هيٺ آهي ۽ ماءُ جي خدمت اصل ۾ انسان جي ڪردار جي گواهي هوندي آهي. وزيراعظم چيو ته اچو ماءُ جي خدمت ڪري دنيا ۽ آخرت سنواريون، مون سميت هر انسان جي ڪاميابي جي پٺيان ماءُ جي محبت، حوصله افزائي ۽ دعا اهم ذريعو هوندي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماءُ کي خاص سلام پيش ڪريون ٿا جن جا پٽ شهيد ڪيا ويا، اڄ اسان ملڪ جي عز?? ۽ حرمت تي قربان ٿيندڙ شهيدن جي مائرن کي قوم جو ??لام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته مدر ٽريسا ۽ پاڪستان ۾ 55 سال جزام جي مرض سان وڙهندڙ ڊاڪٽر رٿ فا جهڙي عظيم ماءُ کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. اسان محترمه بلقيس ايڌي کي سلام عقيدت پيش ڪريون ٿا، جنهن معاشري جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ منهنجي والده سميت اسان جي مرحوم مائرن کي جنت ۾ جڳهه ڏي. هن چيو ته منهنجي عظيم والده اسان کي اسلام، قرآن، رسول ڪريم ﷺ ۽ پاڪستان سان محبت ڪرڻ سيکاريو، زندگي ۾ مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جو ??وصلو ڏنو، عاجزي ۽ انڪساري سيکاري اڄ جيڪو ڪجهه آهيان پنهنجي باهمت والد ۽ پنهنجي عبادتگذار والده جي دعائن ۽ تربيت جي ڪري آهيان جن جون مائرون سلامت آهن، انهن جي خدمت ڪريو ڇو ته ماءُ جو ??شتو هڪ سانجهو ۽ عظي?? رشتو آهي.