انقره – 01 – جون (اي پي ??ي) ??اڪ??تان ۽ ترڪيءَ مفاهمت جي 7 مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي پريزيڊينسي آف اسٽريٽجي اينڊ بجيٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي آف ??اڪ??تان جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪ ۽ ??اڪ??تان حڪومت جي وچ ۾ ناليج شيئرنگ پروگرام جي فريم ورڪ تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر وزارت ۽ ??اڪ??تان جي مواصلات واري وزارت جي وچ ۾ هاءِ وي انجنيئرنگ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪيءَ ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ معاشي لاڳاپن جي فروغ بابت گڏيل وزارتي بيان بابت مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ ۽ ??اڪ??تان جي ناڻي واري وزارت جي وچ ۾ فني تعاون پروٽوڪول جي مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ جي ناڻي واري وزارت ۽ ??اڪ??تان ج?? اقتصادي معاملن واري وزارت جي وچ ۾ قرضن جي انتظام بابت تعاون پروٽوڪول جڏهن ته گهرن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ترڪيءَ جي ماحوليات شهري ترقي ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ نئون ??اڪ??تان هائوسنگ اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ??اڪ??تان پاران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ واپار واري وزير سيد نويد قمر جڏهن ته ترڪيءَ پاران ٽرانسپو??ٽ واري وزير معاهدن تي صحيحون ڪيون.