اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اميد ظاهر ڪئي آهي ته يوڪرين جي ع??ام موجوده بحران مان جلد نڪرندي، پاڪستان يوڪرين ۾ جاري جنگ جي حوالي سان شديد خدشا رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوڪرين کي امدادي سامان موڪلڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم آهن، جنگ جي ڪري يوڪرين ۾ وڏي انگ ۾ شهري بي گهر ٿي چڪا آهن، يوڪرين جي هر ممڪن مدد جاري رکنداسين. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چي?? ته امدادي سامان يوڪرين جي ع??ام سان پاڪستان جو يڪجهتي جو اظهار آهي. ان موقعي تي يوڪرين جي سفير چي?? ته يوڪرين جي ع??ام کي هن وقت جنگ ??رپ??ش آهي، مشڪل وقت ۾ مدد تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون. هن چي?? ته پاڪستان پاران امدادي سامان جي ٻي کيپ يوڪرين موڪلي پئي وڃي.