گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مُهاڻن جي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي، گوادر جي شهرين کي آسان شرطن تي سولر پينل فراهم ڪنداسين، ??ئن??ن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ به آساني پيدا ڪئي ويندي، غيرقانوني ٽرالنگ جي خلاف سخت ايڪشن کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مُهاڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مُهاڻن جي ترقي اولين ترجيح آهي، مُهاڻن جي خوشحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن چيو ته هر گهر ۾ ب??لي جي فراهمي ضروري آهي، گوادر ۾ مُهاڻن جي لاءِ چين 3200 سولر پينل فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته سولر پينل ??ئن??ن ذريعي آسان شرطن تي مُهاڻن کي فراهم ڪيا ويندا، مُهاڻن جيترو ب??لي جو بل ادا ڪري ٿو ان کان گهٽ سولر پينل جي قسط ادا ڪري ب??لي جي سهولت مان فائدو کڻندو، جڏهن سولر پينل جي قيمت مڪمل ادا ٿي ويندي ته مُهاڻن کي مفت ب??لي ملندي. هن چيو ته مختلف جاين تي سولر پارڪس قائم ڪيا ويندا جنهن جي ڪري ماهگيرن کي نيشنل گرڊ بدران سڌوسنئون ب??لي ملندي. هن چيو ته ??اه??گيرن کي مرحليوار ٻيڙين جون انجڻيون فراهم ڪيون وينديون، پهرين مرحلي ۾ 2 هزار ??اه??گيرن کي شفاف طريقي سان ڪُڻن ذريعي انجڻيون فراهم ڪيو وينديون، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ انتظاميا جي تعاون سان اهي انجڻيون جلد فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته غيرقانوني ٽرالنگ روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چيو ته هو جون جي آخر ۾ ٻيهر گوادر جو دورو ڪندو ۽ ??اه??گيرن جا مسئلا انهن جي زباني تفصيل سان ٻڌندو، انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.