اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان متحده عرب امارات سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏي ٿو، مسلمان ملڪن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جا وسيع موقع?? موجود آهن جنهن سان يو اي اي کي ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن متحده عرب امارات جي سفير حامد عبيد ابراهيم الزابي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سم??ت خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان متحده عرب امارات سان پنهنجي ويجهي ڀائراڻي ۽ لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻ?? لاڳاپا اڌ صدي تي پهتا آهن جيڪو قابل فخر آهي، سينيٽ چيئرمين متحده عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي، سماجي، ثقافتي ۽ گهڻ طرف?? لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ متحده عرب امارات خطي ۽ مسلمان امت جا اهم ملڪ آهن، مسلمان ملڪن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جا وسيع موقع?? موجود آهن جنهن مان يو اي اي کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي.