اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز ش??يف چيو آهي ته 720 ميگاواٽ جي ڪروٽ پن بجلي منصوبي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهو سي پيڪ تحت ??ڪمل ٿيندڙ پن بجلي جو پهريون منصوبو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??زي??اعظم چيو ته مون کي اهو چوندي وڏي خوشي آهي ته 720 ميگاواٽ جي ڪروٽ پن بجلي منصوبي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. گذريل حڪومت جي پوڻي چئن سالن ۾ ان منصوبي تي ڪا چڱي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، اهو سي پيڪ تحت ??ڪمل ٿيندڙ پهريون منصوبو آهي. ??زي??اعظم چيو ته ان منصوبي ۾ تعاون تي چيني حڪومت جا ٿورائتا آهيون.