اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي آزادي جا 75 سال پورا ٿيڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس اينڊ ڪلچر ايم سي آئي، سي ڊي اي جي اهتمام هيٺ اڄ جمعي ڏينهن 10 هزار چورس فٽ جو جهنڊو ٺاهيو وي??دو جنهن ۾ اٽڪل 5 هزار ٻار حصو وٺندا. ايم سي آئي جي اسپورٽس اينڊ ڪلچ?? شعبي پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد/ ايڊمنسٽريٽر، ايم سي آئي عرفان نواز ميمڻ خاص مهمان هوندو. اها تقريب اڄ جمعي ڏينهن 12 آگسٽ تي ڪرڪيٽ گرائونڊ ايف نائين پارڪ، گيٽ نمبر 4، اسلام آباد ۾ ٿ??ند??. ٻئي طرف 14 آگسٽ 2022ع تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب جي حوالي سان ??نت??امن جو جائزه اجلاس خميس ڏينهن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل (اي ڊي سي جي) اسلام آباد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فائنل سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ ??نت??امن کي حتمي شڪل ڏني وئي. ايس ايس پي آپريشنز، ايس ايس پي ٽريفڪ، اسپيشل اينڊ سيڪيورٽي برانچ ڪي ڊي ايس پيز، اي سي سيڪريٽريٽ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.