اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري سان شام لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ايئر مارشل (ر) شاهد اختر ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي پرڏيه?? وزير ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته شام ۽ پاڪستان گهري تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، شام سان واپاري ۽ تعليمي ميدان ۾ گڏيل تعاون جا نوان ??ست?? ڳوليا وڃن. پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي نامزد سفير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هدايت ڪئي ته هو شام جي نئين سر تعمير ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تسلسل کي جاري رکڻ ۾ پنهنجي ڪوششن کي استعمال ۾ آڻي. هن چيو ته شام ويندڙ پاڪستاني زائرين کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪيو وڃي.