اسلام آباد- 18 نومبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي ڀلائي واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻوڏ متاثر 2.8 ملين خاندانن ۾ ٽارگيٽ ڪيش رليف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??يو آهي ۽ حڪومت طرفان 316 ملين ڊالرن جي ر??م انهن خاندانن ۾ ورهائجي چڪي آ??ي. اها ڳالهه هن اٽلي ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي اجلاس دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چئي. هن چيو ته پا??ست??ن کي 2030ع تائين غذائي تحفظ بابت هدفن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پا??ست??ن جي 82 ضلعن ۾ تازي ٻوڏ سبب 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. پا??ست??ن جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تقريبن 650000 ڳورهارين عورتن کي ويم جي خدمتن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مسئلا درپيش آهن، شازيه مري چيو ته تقريبن 4 ملين ٻار صحت جي خدمتن تائين پهچ کان محروم آهن، ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪردار کي ساراهيندي وفاقي وزير چيو ته ڊبليو ايف پي ۽ بي آءِ ايس پي پا??ست??ن ۾ صحت ۽ غذائيت جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ 15 ضلعن ۾ ”مشروط ڪيش ٽرانسفر پروگرام“ ”نشو نما“ جوڙيو آهي، هي پروگرام بي آءِ ايس پي ڪفالت پروگرام ۾ پهرين کان داخل ٿيل ڳورهارين ۽ کير پياريندڙ عورتن کي هڪ جامع پيڪيج فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ ويم، کير پياڪ ۽ ننڍن ٻارن جي غذائيت ۽ صحت جي طريقن بابت آگاهي سيشن، پي ايل ڊبليو ۽ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي خاص غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي فراهمي، وقت کان پيدائش ۽ پوءِ جي پيدائش جي سارسنڀال جون خدمتون، معمول موجب ٻارن جي نشو نما جي نگراني ۽ حفاظتي ٽڪن جو ڪورس شامل آهي. وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ڊبليو ايف پي ۽ بي آءِ ايس پي ڪمرشلائيزيشن جي حڪمت عملي جي ر??ل آئوٽ تي ڪم ڪري ر??ي آ??ي، وڌيڪ ڊبليو ايف پي مستحقين کي بينظير نشو نما پروگرام کان ٻاهر ڪڍڻ جي حڪمت عملي تي پڻ ڪم ڪري ر??ي ته جيئن ڊبليو ايف پي کانسواءِ پڻ پا??ست??ن پنهنجي صحت جي نظام جي اندر اسٽنٽنگ جي ر??ڪٿام لاءِ بهتر طور تي ڪم ڪري سگهي، هن چيو ته پا??ست??ن مستقبل ۾ ايندڙ آفتن لاءِ بهتر حڪمت عملي لاءِ تيار آهي پر دنيا کي اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته هي وقت ڪنهن سان به پيش اچي سگهي ٿو، ڇو ته موسمياتي تبديلي هڪ خوفناڪ حقيقت آهي جيڪا سڀني کان وڌيڪ ڪمزور آبادي کي متاثر ڪندي آ??ي.