اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري چيو آهي ته جمهوري نظام ۽ روايتن جي تسلسل سان ئي پائيدار ترقي ممڪن آهي، اسان کي مالي وسيلن جي بهتر ۽ منصفاڻي ورڇ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ?? سڌارن جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار انڊونيشيا جي دوري جي موقعي تي 15 هين بالي جمهوري فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جمهوريت هڪ آزاد معاشري جو بنياد آهي، پاڪستان سدائين عوام تي ٻڌل جمهوريت جي لاءِ ڪوش??ون ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افسانوي جمهوريت کي حقيقت جي جمهوريت ۾ تبديل ڪرڻو آهي.