اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان ۽ قازقستان جا لاڳاپا تاريخ، مذهب ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آه??، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن خاص طور تي قازقستان سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن قازقستان پارليامينٽ (هيٺئين ايوان) جي چيئرمين يرلان ڪوشانوف جي قيادت ۾ 9 رڪني ??ارلياماني ??فد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قازقستان جي لاڳاپن جي خصوصي نوعيت تي روشني ??ڌي جيڪي تاريخ، مذهب ۽ ثقافت ۾ گهرا ڳنڍيل آه??. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان وچ ايشيائي رياستن خاص طور تي قازقستان سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آه??. قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪاليف سان آستانه ۾ سيڪا سربراهي اجلاس ۽ سمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ملاقاتن کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڌرين لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي قائم ڪرڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو قازقستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آه??. هن ٻڌايو ته پاڪستان جلد ئي وچ ايشيائي رياستن سان سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪند?? جنهن ۾ علائقائي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رستي ۽ ريل رابطن تي ڌيان ڏنو ويندو. يرلان ڪوشانوف وزيراعظم کي بين الپارلياماني دوستي گروپ جي اجلاس بات آگاهه ڪيو جيڪو قازقستان جي پارلياماني ??فد جي جاري دوري دوران منعقد ٿيو. هن پارلياماني ??فدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏن?? جنهن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته قازقستان پاڪستان جي وڏي مارڪيٽ مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن ٻطرفي واپار ۽ رابطن، دواسازي جي صنعت ۽ سرجيڪل ۽ راندين جي سامان ۾ تعاون ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻطرفي واپار کي گهٽ ??دي ۾ آساني سان ٻيڻو ڪري سگهجي ٿو. قازقستان جي عوام ۽ هڪومت پاران قازقستان جي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان جي چيئرمين پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي لاءِ دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو رابطن بابت خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا.