اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ موثر بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) جاري ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان من??وب??بندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال ملاقات ڪئي ۽ کيس آر ايف 4 رپورٽ جي ڪاپي پيش ڪئي. ملاقات ۾ من??وب??بندي وارو سيڪريٽري سيد ظفر علي شاهه ۽ من??وب??بندي واري وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئ??. م????وب??بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته آر ايف 4 دستاويز تازي موسمياتي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصا??ن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ايڪشن پلان آهي، هي دستاويز هن سال آڪٽوبر جي آخر ۾ شروع ڪيل ٻوڏ کانپوءِ نقصانن ۽ ضرورتن جي ڪاٿي (پي ڊي اين اي) رپورٽ جي اندازي موجب نقصان تي ٻڌل آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته آر ايف 4 دستاويز ۾ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري موثر موسمياتي حڪمت عملي شامل آهي. وزيراعظم ان اهم فريم ورڪ کي تيار ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪستان جي لاءِ ٺوس موقف کي اختيار ڪرڻ تي من??وب??بندي، ترقي ۽ خصوقي قدمن واري وزارت، ترقياتي حصيدارن، لاڳاپيل وزارتن، اين ڊي ايم اي ۽ ??وب??ئي حڪومتن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن من??وب??بندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي انهن جي محنت تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته 9 جنوري 2023ع تي سوئيٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ٿيندڙ ايندڙ ترقياتي ڪانفرنس ۾ ان فريم ورڪ کي موثر بڻائڻ جي لاءِ ضروري ڪوششون ڪيون وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته من??وب??بندي واري وزارت پرڏيهي وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن سان گڏجي دستاويز جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ سمورن ڌرين تائين موثر فراهمي جي لاءِ ضروري قدم کڻي.