اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو، هر سال وانگر هن سال به پاڪستاني قوم ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي ??ودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻ?? جدوجهد ۾ انهن سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪندا. پرڏيهي کاتي جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ معاشري جا سڀ طبقا ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري ان ڏينهن کي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا. ترجمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ??ه خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ڪرار جي پرامن حل تي آهي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي ??هتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ جي ??ريعي پنهنجي ??ودمختياري واري حق جو استعمال ڪن. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته پاڪستان گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن ??ي هر ممڪن حمايت جاري رکندو.