اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي تنوي?? احمد شهيد جي والد کي ٽيليفون ڪري ساڻس تعزيت جو ??ظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سپاهي تنوي?? احمد 5 فيبروري تي موسيٰ چيڪ پوسٽ ڪوئيٽا ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيو هو. صدر شهيد ۽ ان جي خاندان جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيندي خدمتن ۽ قوم جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر فرض جي ادائيگي ۾ شهادت ماڻڻ، وطن جي لاءِ قرباني تي شهيد کي سلام پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيد جي پونئيرن سان همدرديءَ جو ??ظهار ۽ وطن جي ??اط?? قرباني ڏيڻ تي قوم پاران ٿورا مڃيا. صدر شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.