اسلام آباد – 04 – مئي (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان چيو آهي ته ميڊيا جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسان کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جو چڱي ريت ادراڪ آهي، انهن مسئل?? جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. اها ڳالهه هن سي پ?? اين اي جي باني صدر خوشنود علي خا?? جي سربراهي ۾ ملاقات لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد سهيل علي خان کي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ا?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سي پ?? اين اي اسلام آباد جي ڪنوينر ممتاز حسين ڀٽي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئل?? جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل 5 سالن دوران تمام گهڻي مهانگائي جي ڪري ميڊيا انڊسٽري شديد ب??ران جو شڪار آهي، ميديا انڊسٽري کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ حڪومت سرڪاري اشتهار?? جي ڪاٿي ۽ ريٽس ۾ مهانگائي جي شرح کي نظر ۾ رکندي مناسب اضافو ڪري. وفد ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته عمران خان حڪومت دور جي سينٽرلائيزڊ ميڊيا پاليسي جي ڪري سرڪاري ادارن نه رڳو پنهنجي پبلسٽي بجيٽ کي گهٽ ڪيو پر پاڪستان ۾ اسلام ۽ ملڪ جي حوالي سان ملهائجندڙ ڏهاڙ?? جي موقعي تي نوجوان نسل کي اسلام ۽ پاڪستانيت کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ قومي وحدت جي لاءِ ميڊيا تي پ??غامن، تقريري ۽ لکت وارن مقابلن جو رجحان پڻ گهٽ ٿيو آهي جنه?? جي ڪري قومي وحدت کي نقصان پهچي رهيو آهي. وفد چيو ته ان آمراڻي پاليسي جي ڪري ڪجهه ادارن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ بدران سڌوسنئون ميڊيا اشتهار جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو ت?? رياست پاڪستان کي شديد نقصان ٿيندو. وڌيڪ اهو ته سي پ?? اين اي چاهي ٿي ته اشتهار?? جي ورڇ کي منصفاڻو بڻايو وڃي جنهن تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان چيو ته حڪومت آزاد ميڊيا جي ترقي تي نه رڳو يقين رکي ٿي پر سمورين مالي مشڪلات?? جي باوجود ا?? جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي سربراهي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي رهندي. ميڊيا انڊسٽري کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ اشتهار?? جي ڪاٿي ۽ اگهن ۾ اضافي جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. ان موقعي تي روزاني د?? جي ايڊيٽر ممتاز حسين ڀٽي ۽ روزاني صدائي س?? جي ايڊيٽر سيد تبسم عباس شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي لاڳاپيل عملدارن سان گڏجي اخبارن کي درپيش مسئل?? جي ازالي جي لاءِ ڪم ڪندي. وفد جي ميمبرن ۾ ڪنوينر اسلام آباد ممتاز حسين ڀٽي (ايڊيٽر روزاني دن)، سيد تبسم عباس شاهه (ايڊيٽر روزاني صدائي سچ)، عقيل ترين (ايڊيٽر روزاني غزنوي)، زاهد فاروق ملڪ (ايڊيٽر روزاني ميٽرو واچ)، حسن وقار تراب (ايڊيٽر روزاني جهان)، جعفر علي بلتي (ايڊيٽر روزاني سلام گلگت)، ظهير بخاري (ايڊيٽر روزاني انڪ??اف)، رائو احسان (روزاني سرمايه)، شمشاد مانگٽ (روزاني زور آور) ۽ اويس قاضي (ايڊيٽر روزاني سن نيوز) شامل هئا.