اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي انتظام هيٺ آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان 10 ۽ 11 مئي تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪنوينشن پا??ليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻ وڃي رهيو آهي، عالمي ڪنوينشن ۾ معزز مهمانن جي شرڪت لاءِ آمد جو سلسلو جاري آهي، سعودي عرب، ايران، تاجڪستان، آذربائيجان، سريلنڪا، ڪينيا، بيلجيم، شام ۽ لبنان جي پا??لياماني وفد اسلام آباد پهچي ويا. سعودي عرب جو پا??لياماني وفد چيئرمين مجلس شوريٰ ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ جي سربراهي ۾ پاڪستان پهچي ويو. وفد جي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني اسلام آباد ايئرپورٽ تي سعودي وفد جو استقبال ڪيو. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سعودي وفد کي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان عالمي ڪنوينشن ۾ ش??ڪت تي سعودي وفد جو ٿورو مڃيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائر ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا انتهائي اهميت وارا آهن، ايران جو پا??لياماني وفد ڊاڪٽر وحيد جلال زاده سربراهه قومي سلامتي۽ پرڏيهي پال??سي ڪميشن، ايراني پا??ليامينٽ جي سربراهي ۾ اسلام آباد پهتو. قومي اسيمبلي جي ميمبر س??د علي موسيٰ گيلاني ايران جي پا??لياماني وفد جي آجيان ڪئي. ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا ڀائراڻا ۽ ڀائيچاري جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، علي موسيٰ گيلاني ايران جي پا??لياماني وفد جو آئين جي گولڊن جوبلي ڪنويشن ۾ ش??ڪت تي وفد جي آجيان ڪئي. ڊپٽي اسپيڪر عادل عابش جي سربراهي ۾ آذربائيجان جي پا??لياماني وفد جو استقبال قومي اسيمبلي جي ميمبر رومينه خورش??د عالم ڪيو. لبنان جو پا??لياماني وفد لبنان جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم هاشم جي سربراهي ۾ اسلام آباد پهتو. لبنان جي پا??لياماني وفد جو استقبال قومي اسيمبلي جي ميمبر انجنيئر صابر حسين قائمخاني ۽ قومي اسيمبلي ميمبر محمد خان ڪيو آهي. تاجڪستان جي پا??لياماني وفد کي قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر شازيه صوبيه، اسلم سومرو اسلام آباد ايئرپورٽ تي وفد جو استقبال ڪيو. شام جي پا??لياماني وفد عالمي ڪنوينشن ۾ ش??ڪت لاءِ اسلام آباد پهتو، قومي اسيمبلي ميمبر محمد خان ڊاها اسلام آباد ايئرپورٽ تي وفد جي آجيان ڪئي. ڪينيا ۽ سريلنڪا جا پا??لياماني وفد گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن ۾ ش??ڪت لاءِ اسلام آباد پهتا، قومي اسيمبلي جي اعليٰ عملدارن ڪينيا ۽ سريلنڪا جي پا??لياماني وفدن جو اسلام آباد ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو.