اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ چيو ته زراعت جو شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي ??ڏي جي حيثيت رکي ٿو، ايندڙ مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ ڄاڻايل هيٺان قدم کڻڻ جون تجويزون آهن، زرعي قرضن جي حد کي هلندڙ مالي سال ۾ 1800 ارب رپيا مان وڌائي 2250 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. هن بجيٽ تقرير ۾ چيو ته بجلي/ڊيزل جو بل هاري جو سڀ کان وڏو خرچ هوندو آهي. ايندڙ مالي سال ۾ 50 هزار زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته معيا??ي ٻج هي سٺي فصل جو بنياد آهي. ملڪ ۾ معيا??ي ٻج جي استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ ان جي گهرائڻ تي سمورا ٽيڪس ۽ ??يو??يز ختم ڪيا پيا وڃن. اهڙيءَ طرح Sappings گهرائڻ تي ڪسٽم ??يو??ي ختم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته موسمي تبديليءَ سبب هارويسٽنگ جي مدت ??هٽ کان گهٽ ٿيندي پئي وڃي، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن هاري ٽين فصل به کڻي ته ان لاءِ ضروري آهي ته هو پڪل فصل کي جلد سنڀالي. ان لاءِ ڪمبائين هارويسٽرز جي ضرورت آهي. ڪمبائين هارويسٽرز جي استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هي تجويز آهي ته ان تي سموريون ??يو??يون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته چانور جي پيداوار وڌائڻ لاءِ خشڪ، رائيس پلانٽرز، سيڊر کي به ??يو??ي ۽ ٽيڪس کان ڇوٽ جي تجويز آهي. ايگرو ان??سٽ??ي ٻهراڙيءَ جي معيشت ۾ انقلاب جي صلاحيت رکي ٿي. بجيٽ ۾ ايگرو ان??سٽري کي Concessional قرضن جي فراهميءَ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.