اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت روس سان رعايتي قيمت تي خام تيل پاڪستان آڻڻ جو واعدو سچ ڪري ڏيکاريو، روس مان خام تيل جو سامونڊي جهاز ڪراچي په??ي ويو آهي جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ روس مان ايندڙ تيل جو پهريون جهاز آ??ي، ان کي چوندا آهن واعدن کي پورو ڪرڻ، ملڪ ۽ قوم جا مس??لا حل ڪرڻ جي اهليت، نيت ۽ عوام جي سچي خدمت. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سدائين وانگر عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪري رهيو آهي، الحمدالله هڪ سال جي مخلصاڻي ۽ ديانتدا?? محنت رنگ آڻي رهي آهي.