اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سوئيٽ ه??مز کي ??را??سپورٽ وينز عطيو ڪيون. وزيراعظم ??را??سپورٽ وينز جون چاٻيون پاڪستان سوئيٽ ه??مز جي چيئرپرسن زمرد خان جي حوالي ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان سوئيٽ ه??مز ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن سان ڳالهائيندي چيو ته زمرد خان جيڪو ذمو کنيو آهي الله تع??ليٰ ان کي ان جو اجر عطا فرمائي. هن ٻارن کي چيو ته اهي محنت سان تعليم حاصل ڪن ۽ قوم جا عظيم معمار بڻج??، توهان پاڪستان جو مستقبل آهيو. ان موقعي تي زمرد خان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم پاران پاڪستان سوئيٽ ه??مز کي 4 گاڏيون عطيو ڪيون ويون جن جي ماليت 6 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن سان گڏ وين ۾ سوار ٿي ٻارن جي حوصلا افزائي ڪئي. هن ٻارن کي چيو ته اهي تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن، انجنيئرز، ڊاڪٽرز، سائنسدان، زرعي ۽ آءِ ٽي جا ماهر بڻجن ۽ پاڪستان جي خدمت ڪن، اسان کي گڏجي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي. ان موقعي تي ٻارن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، ٻارن پاڪستان ۽ وزيراعظم زندهه ??باد جا نعرا هنيا.