اسلام آباد – 22 – جون (اي ??ي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم محم?? شهباز شريف پيرس ۾ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم سربر??هي اجلاس ۾ شرڪت جي ل??ءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي فرانس ۾ آهي. هو عالمي مالياتي اداري ۾ سڌارن، موسمياتي فنانس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ڊي جيز کي حاصل ڪرڻ ۽ قرض بابت حل جي ل??ءِ پاڪستان جو موقف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم ڏکڻ آفريقا جي صدر ماتا ميل?? سيرل راما فوسا، چين جي وزيراعظم لي يانگ ۽ يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊير لي يين سميت شريڪ اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.