اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفون تي ??اب??و ٿيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدا??اض??يٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم عيدا??اض??يٰ جي خوشي جي موقعي تي ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. صدر اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو پڻ جائزو ورتو. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جو ستون اجلاس قيادت کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا مذهب، ثقافت ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. قيادت جي سطح تي باقاعدگي سان ??اب??و ان اسٽريٽجڪ حصيداري جي نمايان خصوصيت آهي.