اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي، رياستي دهشتگ??دي سميت هر قسم جي دهشتگ??دي کي پوري عزم سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، ”ڪنيڪٽيويٽي“ کي جديد عالمي معيشت ۾ وڏي اهميت حاصل ٿي وئي آهي، ان جي فروغ جي ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو، سي پيڪ معاشي خوشحالي، امن ۽ استحڪام ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ترقي يافته ملڪن کي ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي او اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. تنظيم جو آن لائين اجلاس ڀارت جي ميزباني ۾ ٿيو جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي قزاقستان کي تنظيم جي ميمبرشپ ملڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي پڻ تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ايران جي شموليت کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم بيلاروس کي تنظيم جي ايندڙ اجلاس ۾ مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ جي فيصلي جي به آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايس سي او اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن دنيا کي معاشي ۽ سلامتي جو چئلينج درپيش آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم کي امن، استحڪام، سلامتي ۽ ترقي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنيڪٽيويٽي جديد عالمي معيشت ۾ وڏي اهميت اختيار ڪري چڪي آهي. ڪنيڪٽيويٽي جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز جي تعمير ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن سي پيڪ کي معاشي خوشحالي، امن ۽ استحڪام جي لاءِ گيم چينجر قرار ڏيندي چيو ته اهو بيلٽ ۽ روڊ جو اهم منصوبو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ منفرد جاگرافيائي حيثيت حاصل آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا پيا وڃن، جيڪي بندرگاهن سان گ?? ڳنڍيل هوندا. هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي او اجلاس جي ميزباني ڪندو۔ وزيراعظم زور ڏنو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي دهشتگ??دي جي خلاف پوري عزم سان گ??جي وڙهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگ??دي جي معاملي تي ڊپلوميٽڪ پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿيڻ گهرجي ۽ رياستي دهشتگ??دي سميت هر قسم جي دهشتگ??دي جي مذمت ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪنهن به قسم جي دهشتگ??دي جو ڪو به جواز نه بڻجي سگهي. هن سياسي ايجنڊا تحت مذهبي اقليتن کي نشانو بڻائڻ جي به مذمت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگ??دي انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگ??دي جي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ پائيدار امن، تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي مدد لاءِ اڳتي وڌي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو ۽ اهو شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ به ضروري آهي. هن چيو ته ايس سي او افغانستان رابطا گروپ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عالمي مسئلن جي حل لاءِ عالمي يڪجهتي جي ضرورت آهي. هن ماحولياتي تبديلي کي اهم مسئلو قرار ڏيندي چيو ته عالمي برادري کي ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان گذريل سال ماحولياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏنو. ٻوڏ سبب سوين ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. وزيراعظم توانائي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ اضافي کي عالمي مسئلو قرار ڏيندي چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ به عالمي برادري کي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.