اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته غذائي تحفظ ۽ زراعت بابت قومي سيمينار ڪا معمولي تقريب نه هئي، زرعي شعبو اسان جي اقتصادي ترقي جو سڀ کان وڏو محرڪ بڻجي چڪو آه??، نار ملڪن ما?? زرعي شعبي ۾ ايندڙ چئن کان پ??جن سالن ۾ 40 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري سان گڏوگڏ 40 لک نيون ملازمتون پ??دا ٿينديون، قرضن ما?? ڇوٽڪارو حاصل ڪري مضبوط معيشت جي ترقي ۽ تعمير ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي واري قومي سيمينار ۾ مون ٻيو سبز انقلاب جي بنياد جي طور تي زراعت جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو آه??، اسان سڀ وڏيون وڏيون دعوائون ۽ پرڪشش ويزن بابت ٻڌو آه?? پر بنا محنت، همت جي بي فائدو رهيا آه??. هن چيو ته نار ملڪ ساليانو 40 ارب ڊالر جي غذائي شين ۽ زرعي مصنوعات درآمد ڪن ٿا، حڪومت جو عزم اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (اين ايس آءِ ايف سي) تحت نار ملڪن ما?? پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري آڻڻ آه?? جنهن جي لاءِ قدم کڻي رهيا آه??ون، ايندڙ چئن کان پ??جن سالن ۾ 40 لک نيون نوڪريون پ??دا ڪرڻ کانسواءِ اٽڪل 40 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. هن چيو ته ٻيو وڏو انقلاب پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي لاءِ زرعي شعبو کي وڏو محرڪ بڻائڻ جو سبب بڻجندو جنهن سان غذائي تحفظ ايندو ۽ اسان جي قومي سلامتي کي سگهه ملندي. هن چيو ته زراعت ۽ غذائي تحفظ بابت قومي سيمينار ڪا معمولي تقريب نه هئي پر سڀني ڌرين پاران ملڪي اقتصادي بحالي جي لاءِ ڊگهي مدي طرف ڌيان طلب قومي ڪوشش جي شروعات آه??. هن چيو ته اسان اندروني وسيلن تي دارومدار ڪرڻ ۽ قرضن ما?? ڇوٽڪارو حاصل ڪري مضبوط معيشت جي تعمير جا خواهشمند آه??ون ۽ اسان سڀ گڏجي پنهنجو اهو مقصد حاصل ڪنداسين.