اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) آذربائيجان جو ڊيجيٽل ڊيولپمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ وارو وزير رشاد نبيوف 17 کان 19 جولا??ِ ??ائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته هي دورو وزيراعظم جي باڪو جي تازي دوري کانپوءِ ٿي رهيو آهي. آذربائيجان جو وزير رشاد نبيوف انفارميشن ٽيڪنالاجي، هوابازي، موا??لا??، ريلويز ۽ سامونڊي معاملن جي وزارتن جي پاڪستان?? هم منصبن سان ملاقاتون ڪندو ۽ ڪنيڪٽيويٽي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو وٺندو.