اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ اي??ان ٻطرفي واپارجي لاءِ 5 ارب ڊالر جو هدف مقرر ڪندي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ 5 سالا واپاري تعاون جو من??وب?? تيار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبداللهيان سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 5 سالا واپاري تعاون جي من??وب?? جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ ايندر رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، آزاداڻي واپار جي معاهدي کي ح??مي شڪل ڏيڻ ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ اداراجاتي رابطو قائم ڪرڻ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اي??ان سان ڀائراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، اي??ان سان مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، ايراني هم منصب سان مختلف معاملن تي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، معيشت، توانائي ۽ آرٽ ۾ گڏيل تعاون جي فروغ لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون غور هيٺ آهن، اسان 2023ع کان 2028ع تائين جي لاءِ گڏيل واپاري معاهدي کي ح??مي شڪل ڏني آهي، معاهدي س??ن گڏيل واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي يقين آهي ته اڄ جيڪي اسان قدم کڻي رهيا آهيون اُهي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايندڙ مهينن ۽ سالن ۾ ڊگهي مدي واري پائيدار اقتصادي ح??يداري جي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪندا. هن چيو ته ملاقات دو??ان انهن هن سال جي آخر تائين باقي 5 سرحدي منڊين ??ي فعال بڻائڻ کي ترجيح ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ اي??ان موجوده معاهدن موجب سزا ماڻيندڙ سمورن قيدين ??ي وطن واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان ۽ اي??ان ۾ قيد مُهاڻن کي آزاد ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عملدارن پا??ان انهن جي س??مونڊي جهازن جي واپسي تي هنيل ڏنڊ معاف ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻئي ڌريون ان مفاهمت کي تيزي س??ن عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ قيدين جي فهرست جي مٽاسٽا ڪنديون. ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ڪشميري عوام جي جائز مقصد جي مضبوط ۽ مستقل حمايت تي ايراني قيادت جا ٿورا مڃيا. افغانستان جي صورتحال بابت ڌرين افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو فعال تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ايراني هم منصب سان ملاقات ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي س??ن درپيش چئلينجز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن اسلامو فوبيا ۽ مسلمان مخالف نفرت جي خاتمي جي لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هن چيو ته بدقسمتي س??ن سڄي يورپ ۾ اسلامو فوبڪ ڪاررواين ۽ واقعن جو هڪ سلسلو جاري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻنهي ملڪن اهو طئي ڪيو آهي ته هڪ ٻئي س??ن قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي وڃي، اسان چاهيون ٿا ته اسان جي س??حد تي امن ۽ سلامتي واري صورتحال قائم رهي. ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهان ان موقعي تي معيشت، واپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته ٻئي ملڪ ٻطرفي واپار کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. حسين امير عبداللهيان چيو ته ٻئي ملڪ مُهاڻن جي آزادي ۽ انهن جي جهازن جي واپسي جي لاءِ فوري قدم کڻندا. ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان اي??ان گئس پائيپ لائين جي مڪمل ٿيڻ تي زور ڏيندي چيو ته اهو من??وب?? يقيني طور تي ٻنهي ملڪن جي قومي مفادن کي پورو ڪندو. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته گئس پائيپ لائين من??وب?? ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ وڌيڪ سگهه چاهيون ٿا. هن چيو ته بارڊر تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ سان واپار ۾ آساني ٿي رهي آهي. ايراني پرڏيهي وزير باجوڙ ۾ تازي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ۽ ڏکويل خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته افغانستان ۾ ڪنهن به صورتحال جو اثر پاڙيسري ملڪن پاڪستان ۽ اي??ان تي پوندو تنهن ڪري ڪنهن به صورت ۾ اها مذهبي ۽ انساني ذميواري هئي ته هو افغانستان جي ماڻهن جي مدد ڪري. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي موجودگي ۾ ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ اي??ان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.