اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب روات ۾ ريڊيو پ??ڪستان جي ڊي آر ايم 1000 ڪلو واٽ ڊيجيٽل ميڊيم ويو ٽرانسميٽر ه??ڻ جي منصوبي جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو منصوبو ريڊيو پ??ڪستان ۾ انقلاب آڻيندو، ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي ريڊيو پ??ڪستان جي ڪارڪردگي کي عالمي معيار موجب بڻائيندي جيڪو ان جي معيار ۽ پهچ کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اسان جي مشن ۾ اهم سنگ ميل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو ٽرانسميٽر ه??ڻ ۽ شروع ٿيڻ کانپو??ِ ريڊيو پ??ڪستان جي نشريات کي ڪيترن ئي ٻين ملڪن تائين وسعت ڏيندو، ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي ٽرانسميشن کي چار مختلف سگنلز ج?? قابل بڻائيندي، ان سان توانائي جي بچت ٿيندي جڏهن ته بجلي جي استعمال ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي جيڪو ريڊيو پ??ڪستان جي لاءِ لاڳت ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي به خوشي ٿي رهي آهي ته اطلاعات واري وزارت روات ۾ پاڪستان جو پهريون ميڊيا سٽ?? قائم ڪرڻ تي ڪم شروع ڪ??ي ڇڏيو آهي.