اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان جي 76 هين آز??دي جي ڏهاڙي جي موقعي تي عوام جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي خصوصي تحفي جي باقاعده شروعات سڀاڻي جم??ي کان ٿيندي، جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي 5 بنيادي ضروري شيون گهٽ ترين اگهن تي دستياب هونديون. تفصيلي بيان موجب وزيراعظم پاران ملندڙ ان ٽارگيٽيڊ سبسڊي ۾ اٽو 648 رپين ۾ 10 ڪ??وگرام، گيهه 353 رپيا في ڪلو، کنڊ 100 رپيا في ڪلوگرام، جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 25 رپين جي في ڪلو تي خصوصي رعايت ڏني ويندي. ان سبسڊي سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رجسٽرڊ خاندان جن جو غربت انڊيڪس تي اسڪور آر ايم ٽي 40 يا ان کان گهٽ آهي، سبسڊي حاصل ڪرڻ جا اهل آهن، ان سهولت مان فائد?? کڻڻ جي لاءِ به بي آئي ايس پي جا خصوصي رجسٽريشن ڪائونٽر يوٽيلٽي اسٽورز تي قائم ڪيا پيا وڃن.